اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) ڪشمير بابت پارلياماني ڪ??يٽ?? جي چيئرمين شهريار آفريدي چيو آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر اهو ثابت ٿي ويو ته پلواما حملو پاڪستان جي خلاف ڀارتي سازش هئي. هڪ بيان ۾ شهريار آفريدي چيو ته پلواما حملي جو مقصد پاڪستاني ۽ ڪشميري حريت ڪارڪنن ۽ آزادي پسندن تي ان حملي جو الزام هڻڻ هو، ڀارتي انٽيليجنس جي پاڪستان ??خالف ايجنڊائن تي ڪارروائي بي نقاب ٿي وئي، ڊس انفو لي?? رپورٽ کانپوءِ هاڻي ارناب گيٽ به ڀارتي انٽيليجنس جو ڪڌو چهرو بي نقاب ڪري ڇ??يو.