اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان روانگي واپار ۾ اضافي لاءِ گهربل قدم ترجيحي بنيادن تي کڻڻ جي هدايت ڪندي جامع ايڪشن پلان جوڙي ان تي عمل ڪرڻ ۽ وڏي پئماني تي پرڏيهي ناڻي جي صلاحيت رکندڙ روانگي واپار جي حوال?? سان صلاحيت وڌائڻ تي زور ڏنو. هن اهڙن خيالن جو اظهار ترجيحي شعبن تحت اقتصادي پهچ جي حوال?? سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ وزيراعظم جو واپار وا??و صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جو خاص مددگار معيد يوسف ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شر??ت ڪئي، اجلاس ۾ وزيراعظم کي روانگي واپار جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ کنيل قدمن کان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو.