اسلام آباد – 17 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪير به قانون ۽ آئ??ن کان مٿانهون نه آهي، ڪالعدم تحريڪ لبيڪ پاران رياست جي رٽ چئلينج ڪئي وئي ۽ تشدد جو رستو اختيار ڪيو ويو ته دهشتگردي جي خات??ي واري قانون تحت ڪارروائي ڪئي وئي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مون کي پاڪستان ۽ ٻاهرئين ملڪ ره??دڙ پاڪستان??ن کي واضح ڪرڻو آهي ته اسان جي حڪومت رڳو تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي خلاف دهشتگردي جي خات??ي واري قانون تحت ان وقت ڪارروائي ڪئي جڏهن انهن رياست جي عملداري کي چئلينج ڪيو ۽ تشدد جو رستو اختيار ڪندي عوام ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملا ڪيا.