اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ چ??ن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري ٻطرفن لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي ويندي، پاڪستان سي پيڪ کي وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، ڪجهه دشمن عنصر ان مان خو?? نه آهن پر اهي پنهنجي ڪوششن ۾ ڪامياب نه ٿيندا. اهڙن خيالن جو ا??ها?? هن پاڪستان ۾ چ??ن جي سفير نونگ رونگ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۽ چين گڏيل مفادن لاءِ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي خطي ۾ امن، خو??حالي ۽ ترقي جي فروغ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ويو. صدر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۽ چين حقيقي دوست آهن ۽ هر قسم جي حالتن ۾ هڪٻئي سان گڏ بيٺل آهن. هن چيو ته پاڪستان چ??ن جي قومي مفاد ۾ بنيادي معاملن ”ون چائنا پاليسي“ تائيوان، تبت، هانگ ڪانگ ۽ بحيره ڏکڻ چين تي چ??ن جي حمايت ڪري ٿو. صدر پاڪستان جي بنيادي قومي مفاد جي معاملن، ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار، اين ايس جي ۽ ايف اي ٽي ايف تي چ??ن جي حمايت کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان پاڪ –چين اقتصادي لنگهه منصوبي کي وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، ڪجهه دشمن عنصر سي پيڪ منصوبي مان خو?? نه آهن، سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پاڪ – چين اقتصادي لنگهه جا مخالف عنصر ڪامياب نه ٿيندا. صدر داسو ۾ فوت ٿيندڙ چيني شهر??ن جي وارثن سان تعزيت جو ا??ها?? ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ مختلف منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني شهر??ن جي حفاظت پاڪستان جي اولين ترجيح آهي، حڪومت پاڪستان ۾ چيني شهر??ن جي حفاظت لاءِ سمورا قدم کڻي رهي آهي. چيني سفير نونگ رونگ چيو ته پاڪستان چ??ن جو ويجهو دوست آهي، چين ٻطرفو تعاون وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خو??هشمند آهي. هن چيو ته چ??ن جا تجربا پاڪستان جي سماجي ۽ معاشي خو??حالي ۾ مددگار ثابت ٿيندا. ان موقعي تي چيني سفير صدر کي ٻڌايو ته چين پاڪستان کي هن هفتي ويڪس??ن جون 60 لک خو??اڪ فراهم ڪندو، سال جي آخر تائين 10 ڪروڙ ويڪس??ن جون خو??اڪ پاڪستان کي فراهم ڪيون وينديون.