اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چ??ڌر?? فواد حسين گجڪ، بلوچستان ۾ آءِ اي ڊي ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙيون بزدلاڻيون ڪارروايون اسان جا حوصلا ڪمزور نه ٿيون ڪر?? سگهن، قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي، سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون رائيگان ن?? وينديون. پنهنجي هڪ بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته دهشتگردي جي واقعي ۾ ڪيپٽن ڪاشف جي شهادت جي خبر افسوسناڪ آهي، الله تعاليٰ ڪيپٽن ڪاش?? جا درجا بلند فرمائي ۽ زخمي اهلڪارن کي جلد صحتيابي عطا فرمائي.