اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال جي حوالي سان آگاهي مهم تيار ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن ته جيئن عوا?? ۽ ??مورن حصيدارن کي ان عمل جي فائدن کان آگاهه ڪري سگهجي. هو چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال جي حوالي سان جا??زي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، شبلي فراز، صلا??ڪا?? ڊاڪٽر بابر اعواڻ، خاص مددگار ڊاڪٽ?? شهباز گل ۽ نادرا، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز جي استعمال جي حوالي سان جڊيشل ڪميشن جي تجويز ڪيل قانوني ترميمن کان آگاهه ڪيو ويو. انهن قدمن جو مقصد چونڊن جي عمل کي شفاف بڻائڻ آهي. وزيراعظم ان ڏس ۾ آگاهي مهم تيار ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ته جئين عوا?? ۽ ??مورن حصيدارن کي ان عمل جي فائدن کان آگاهه ڪري سگهجي ۽ بنا جواز جي تنقيد جو حقيقتن سان گڏ ??ائزو پيش ڪري سگهجي.