اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي ??ي ??ي) قومي اسيمبلي جي ??سپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آ??ي ته ڪربلا واقعو الله تعاليٰ ۽ آخرت جي ڏهاڙي تي پڪو ايمان آهي، بي مثال تقويٰ، الله جي ??اهه ۾ صبر ۽ قرآن مجيد ۾ بيان شهادت جي ??ذبي جو هڪ بهترين نمونو آهي جنهن کي قيامت تائين ياد رکيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هنن يوم عاشورا جي موقعي تي پنهنجي ڌار ڌار پيغامن ۾ ڪيو جيڪو حضرت امام حسين رضه جي ??ظيم قرباني جي ياد ۾ 10 محرم الحرام تي مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو آهي.
ان موقعي تي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته ڪربلا واقعو اسان کي حضرت امام حسين رضه ۽ سندس ساٿين جي ??ظيم قربانين جي ياد ڏياري ٿو ۽ جيڪي هنن حق ۽ سچ جي ??اطر ڏنيون. هن چيو ته حضرت امام حسين رضه ۽ سندس ساٿي قرآني تعليم، برداشت، قرباني ۽ شهادت جي ??ذبي جو هڪ لازوال مثال آهن. اسد قيصر چيو ته مسلمان جي ??يثيت سان اها سان جي گڏيل ذميداري آ??ي ته اسان انهن شيطاني قوتن جي ??امهون ڄمي بيهون جيڪي پنهنجي ناپا?? مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ معاشري ۾ انتشار پکڙي رهيون آهن، هن چيو ته ڪربلا جي ??هيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آ??ي ته اسان انسانيت جي ڀلائي ۽ ملڪي تعمير ۽ ترقي لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيون. هن يوم عاشورا جي قرباني کي باطل جي ??لاف ڏنل عظيم قرباني قرار ڏيندي چيو ته اها قرباني قيامت تائين ايندڙ نسل لاءِ مشعل راهه ثابت ٿيندي.
ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڪربلا واقعو حق ۽ باطل قوتن جي وچ ۾ پيش آيو اهو مسلمانن کي باطل قوتن جي ??لاف بي خوف مقابلو ڪرڻ جو درس ڏي ٿو. هن چيو ته اهو ئي رستو آهي جنهن تي اسان جي پياري نبي حضرت محمد ﷺ عمل پيرا ٿيڻ جي ??عليم ڏني جنهن تي هلي حضرت امام حسين رضه ۽ سندس ساٿين لازوال قربانيون پيش ڪيون، هن چيو ته ڪربلا جو واقعو اهو درس ڏي ٿو ته ملڪ ۽ قوم کي جڏهن ته ڪا به مشڪلات پيش اچي ته اسان کي ڪنهن به قسم جي قرباني کان پاسو نه ڪرڻ گهرجي.