دوشنبي – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته خطي جا سمورا اڳواڻ ان ڳالهه تي متفق آهن ته افغانستان ۾ استحڪام لاءِ ??فغانستان کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، افغانستان جي صورتحال ۾ پاڪستان اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. وزيراعظم جي تاجڪستان جي دوري ۽ شنگ??ائ?? تعاون تنظيم جي سربراهه اج??اس جي حوالي سان ڳال??ائ??ندي هن چيو ته شنگ??ائ?? تعاون تنظيم جي سربراهه اج??اس جي موقعي تي اسان جي بيلاروس، ازبڪستان، ايران ۽ قزاخستان جي صدرن سان اهم ملاقاتون ٿيون، وزيراعظم عمران خان ملڪي سربراهن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ به شرڪت ڪري رهيو آهي، هن چيو ته وڌيڪ ڌيان افغانستان تي رهيو آهي، دلچسپ موقف ٻڌڻ لاءِ مليو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان کي افغانستان سان گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، افغانستان ۾ جامع حڪومت لاءِ ??سان کي اڳتي وڌڻو پوندو. هن چيو ته ان ڳالهه تي سمورين ڌرين ۾ اتفاق آهي ته افغانستان جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي. هن چيو ته افغانستان چوواٽي تي بيٺل آهي، اسان خطي جي اڳواڻن کي باور ڪرايو آهي ته افغانستان يا ته استحڪام طرف ويندو ۽ جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ پوري خطي لاءِ ??طرناڪ هوندو، ان صورتحال جو سموري ليڊرشپ کي ادراڪ آهي. چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته ترڪمانستان، ازبڪستان، قزاخستان ، ايران ۽ پاڪستان جا سربراهه هتي موجود آهن، سڀاني چين جو پرڏيهي وزير به هتي اچي رهيو آهي، اسان هڪ حل طرف اڳتي وڌي رهيا آهيون، افغانستان جي استحڪام لاءِ ??مورن پاڙيسرين گڏجي پنهنجون ڪوششون جاري رکڻ جو عزم ڪري رکيو آهي.