اسلام آباد – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پيٽروليم مصنوعات ج?? قيمتن تي واويلا ڪندڙن جي دور ۾ پيٽروليم منصوعات تي ٽيڪس جي شرح 52 سيڪڙو تائين رهي، هڪ س??ل دوران پيٽروليم منصوعات ج?? قيمتن ۾ عالمي س??ح تي 80 سيڪڙو اضافو ٿيو، حڪومت پنهنجي ٽيڪس جي شرح ۾ وقت بوقت گهٽتائي ڪر?? 18.5 سيڪڙو اضافو ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان ڪر??سي موجب هن وقت هندستان ۾ پيٽرول 245 روپيا، بنگلاديش ۾ 175.33 روپيا، سعودي عرب ۾ 104.20 روپيا ۽ يو اي اي ۾ 111.42 روپيا، چين ۾ پيٽرول 194 روپيا، سريلنڪا ۾ 154 روپيا، آذربائيجان ۾ 98.65 روپيا ۽ هانگ ڪانگ ۾ 425.25 روپيا في ليٽر آهي، هن چيو ته پاڪستان هاڻي به دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي ڀيٽ ۾ پيٽرول سستو فراهم ڪر?? رهيو آهي