نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شا??ه محمود قريشي هڪ دفعو ٻيهر او آءِ سي تي زور ڏنو آهي ته هو ڀارتي انسانيت لڄائيندڙ ظلمن کي سڄي دنيا ۾ بي نقاب ڪرڻ لاءِ فعال ڪردار ادا ڪري، پاڪستان ڪشمير مسئلي تي ڀارت سان بامعنيٰ ۽ نتيجن وارين ڳالهين ل??ءِ تيار آهي، تنهن هوندي به ڳالهين کان اڳ ڀارت کي سازگار ماحول بڻائڻو پ??ندو ۽ والاريل ڪشمير ۾ پنج آگسٽ جا تڪراري قدم واپس وٺڻا پوندا، ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي امنگن موجب منصفاڻي طريقي سان حل ڪرڻ کانسواءِ ڏکڻ ايشيا ۾ امن جو خواب تعبير نٿو ٿي سگهي. پرڏيهي وزير شا??ه محمود قريشي نيويارڪ ۾ ڄمون ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، اجلاس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کان 80 لک ڪشميري بدترين گهيراءُ، بنا جواز گرفتارين ۽ غير معمولي پابندين کي منهن ڏئي رهيا آهن، ڀارتي قابض فوج مظلوم ڪشميرين کي ان ڏاڍ ۽ ظلم جي خلاف آواز کي دٻائڻ لاءِ ڪارن قانونن جو سهارو وٺي ناقابل بيان ظلم ڪري رهي آهي جڏهن ته هندو توا ۽ آر ايس ايس جي سوچ جي حامل بي جي پي سرڪاري ڪشميرين جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ لاءِ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آبادياتي تناسب کي تبديل ڪرڻ جي پويان آهي، ان کانسواءِ پنهنجي ناپاڪ مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڊوميسائل قانونن ۾ ترميم ڪري 42 لک جعلي ڊوميسائيل شرٽيفڪيٽس جاري ڪيا ويا آهن، شا??ه محمود قريشي چيو ته ڀارتي بربريت جو تازو مثال ??زرگ ڪشميري اڳواڻ سيد علي گيلاني جي ميت سان روا رکيل بدترين سلوڪ آهي جيڪو پ??رين سيپٽمبر تي ڊگهي ڀارتي نظربندي جي دوران ل??ڏاڻو ڪري ويو، عين ان وقت جڏهن سندس گهرڀاتي سندس لاڏاڻي تي سوڳ جي حالت ۾ هئا ۽ ان جي جنازي نماز جي تياري ۾ مصروف هئا، ڀارتي قابض فوج گهر ۾ زبردستي گهڙي ان جي جسد خاڪي کي ڇني ورتو ۽ نه اسلامي روايتن موجب ان جي جنازه نماز ٿيڻ ڏني وئي ۽ نه ئي کيس ان جي وصيت موجب ”قبرستان شهيدان“ ۾ تدفين جي اجازت ڏني وئي، ڀارتي حڪومت سيد علي گيلاني جي طرز عمل کان ايتري قدر ڊنل هئي جو ان جي لاڏاڻي کانپوءِ به ان سان غير انساني سلوڪ روا رکيو. مخدوم شا??ه محمود قريشي چيو ته عالمي برادري جو ڌيان ڀارت جي والاريل ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ڏانهن ڇڪائڻ لاءِ حڪومت پاڪستان ٺوس ثبوتن تي ٻڌل ”ڊوزيئر“ جاري ڪيو آهي، ان 131 صفحن تي ٻڌل ڊوزيئر ۾ ڀارتي قابض فوج جي سينئر آفيسرن پاران 3432 جنگي ڏوهن جا حوالا ڏنا ويا آهن، هن چيو ته جيستائين ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ ڪشميرين جي امنگن موجب منصفاڻي طريقي سان حل نٿو ڪيو وڃي ان وقت تائين ڏکڻ ايشيا ۾ امن جو خواب تعبير نٿو ٿي سگهي. شا??ه محمود قريشي يو ته پاڪستان هندستان سان ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ ڳالهين ل??ءِ تيار آهي پر ان ل??ءِ هندستان کي ماحول سازگار بڻائڻو پ??ندو ۽ پنج آگسٽ 2019ع جا هڪطرفا ۽ غير قانوني قدم واپس وٺڻا پوندا. شا??ه محمود قريشي چيو ته ڪشمير ۽ فلسطين مسئلا وڏي عرصي کان گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي ايجنڊا تي آهن، او آءِ سي پاران ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي موقف جي مسلسل ۽ اڻٽر حمايت قابل تحسين آهي جڏهن ته ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين طرف ڌيان ڇڪائڻ ۾ اهم خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، شا??ه محمود قريشي چيو ته اڄ خالي هٿين ڪشميري پنهنجون نظرون او آءِ سي ۽ مسلمان امت ڏانهن کڻي ويٺل آهن، شا??ه محمود قريشي ميمبرن تي زور ڏنو ته توهان سڀ ڪشمير مسئلي کي جنرل اسيمبلي، هيومن رائٽس ڪائونسل سميت گڏيل قومن جي سمورن فورمن تي کڻڻ ۾ اسان جي ڀرپور مدد ڪريو.