اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترج??ان عاصم افتخار چيو آهي ته ڀارت پاڪستان خلاف ڪوڙ ۽ اجائي الزامن تي ٻڌل مهم بند ڪري، ڀارت ۾ مسلمانن سميت سمورين اقليتن سان ناروا سلوڪ رکيو رکيو ويندو آهي، عالمي برادري نئي دهلي جو احتساب ڪري، افغانستان ۾ پي آءِ اي آپريشن جو معاملو ڪابل ۾ پاڪست??ني سفير افغان اعليٰ عملدارن سان اٿارينداسين، پاڪستان آمريڪا سان بهرين لاڳاپن جو خواهشمند آهي، آمريڪا پاڪستان سان لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترج??ان هفتيوار بريفنگ دوران چيو ته ڀارت پاسڪتان خلاف ڪوڙ ۽ اجائي الزامن تي ٻڌل مهم بند ڪري، ترج??ان چيو ته اسان بار بار عالمي برادري جو ڌيان ان طرف ڇڪرايو آهي ته ڀارت پاڪستان ۽ ڪشميرين کي بدنام ڪرڻ جي غرض سان جعلي فليڪ آپريشن ڪري سگهي ٿو، ترج??ان ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي تنهن هوندي به ڀارت جي ڪنهن به جارحاڻي ارادن جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين. هن چيو ته پاڪستان ڀارت ۾ اسلامو فوبيا ۽ مسلمانن تي تشدد جي وڌندڙ واقعن تي او آءِ سي پاران احتساب جي مطالبي جي آجيان ڪئي آهي. ترج??ان چيو ته اها ڳالهه حوصلي واري آهي ته ڀارت ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انس??ني حقن جي صورتحال تي عالمي برادري پاران ڌيان وڌي ر??يو آهي. والاريل ڪشمير جي حوالي سان ترج??ان چيو ته والاريل ڪشمير ۾ صورتحال انتهائي خراب آهي، 2014ع کان ڀارت ۾ اقيلتن خلاف ۽ والاريل ڪشمير ۾ انس??ني حقن جي خلاف ورزين ۾ اضافو ٿيو. هيومن رائيٽس واچ، او آءِ سي ۽ ايمنسٽي انٽرنيشنل به ڀارتي ظلمن جي تصديق ڪري چڪا آهن. هن چيو ته ڀارتي ر??است آسام سميت پوري ملڪ ۾ مسل??ان اقليتن سان غير انس??ني رويو رکيو پيو وڃي، عالمي برادري ڀارت جو احتساب ڪري، پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي حوالي سان ترج??ان چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ?? پراڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان آمريڪا سان وسيع النبياد ۽ متوازن لاڳاپن جو خواهشمند آهي، تازو ئي آمريڪي ڊپٽي سيڪريٽري آف اسٽيٽ پاڪستان جو دورو ڪيو، آمريڪا ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پاڪ ايران لاڳاپن جي حوالي سان هڪ سوال جو جواب ڏيندي ترج??ان چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خوشگوار ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن، ايران سان بهترين لاڳاپن سان سعودي عرب جي لاڳاپن تي ڪو به اثر نه پوندو. ٻنهي ملڪن جي وچ ?? پراڻا لاڳاپا آهن، ايران پاڪستان جو پرامن پاڙيسري ملڪ آهي، ترج??ان چيوته سعودي عرب جي حوالي سان ايران سان ڪا به ڳالهه ناهي ٿي. هن چيو ته سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ مسئلن جي حل لاءِ ڳالهيون ٿيڻ گهرجن. پي آءِ اي آپريشن معطل هجڻ بابت ترج??ان چيو ته ان سلسلي ۾ پي آءِ اي وضاحت جاري ڪئي آهي، افغانستان ۾ پي آءِ اي آپريشن جو معاملو ڪابل ۾ پاڪست??ني سفير افغان اعليٰ عملدارن سان اٿارينداسين، هڪ سوال جو جواب ڏيندي ترج??ان چيو ته طالبان جو اعليٰ سطحي وفد ترڪي ۾ آهي، طالبان وفد جو ترڪي جو دورو مثبت قدم آهي، هن چيو ته افغانستان ۾ وسيع النبياد حڪومت ۽ امن جو قيام سڀني جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي، ڳالهين جي ذريعي ئي افغانستان جا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. جڏهن ته دوحه ۾ آمريڪا افغان ڳالهيون مثبت رخ ۾ اهم قدم آهي، افغانستان جي صورتحال جي حوالي سان ترج??ان چيو ته پاڪستان پرامن، مستحڪم ۽ خودمختيار افعانستان لاءِ پرعزم آهي، افغانستان ۾ امن خطي ۾ استحڪام ۽ ترقي لاءِ اڻٽر آهي، ترج??ان افغانستان ۾ انس??ني بحران کي منهن ڏيڻ، اقتصادي استحڪام ۽ پائيدار امن کي يقيني بنائڻ لاءِ عالمي برادري پاران افغانستان سان تعيمري رابطا ضروري آهن، ترج??ان افغانستان سان تازي عالمي رابطن کي مثبت قدم قرار ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان افغان عوام سان گڏ بيٺل آهي، اسان افغانستان لاءِ پنهنجي انس??ني امداد جاري رکنداسين.