اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪومت سازگار ڪاروباري پاليسين جي ذريعي سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪري رهي آهي، پاڪستان هڪ محفوظ ملڪ آهي جتي ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن ۽ ڪاروبارن کي تحفظ حاصل آهي، اڳوڻي دور ۾ ڊي انڊسٽرلائيزيشن ٿي رهي هئي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اقتدار ۾ ايندي ئي ملڪ ۾ ڊي انڊسٽرلائيزيشن روڪڻ جي لاءِ قدم کنيا، اسان جو يقين آهي ته صنعتون ترقي ڪنديون ته ملڪ اڳتي وڌندو، وزيراعظم عمران خان جي ويزن تحت حڪومت ملڪ ۾ صنعتي انقلاب جي لاءِ نمايان قدم کڻي رهي آهي، وزيراعظم قوم کي خطاب ۾ ڪورونا وائرس جي وبا کانپوءِ دنيا کي درپيش م??اشي صورتحال جو تفصيل سان ذڪر ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن انٽر پرينيور آرگنائيزيشن ج?? وف?? سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات وار?? وفاقي وزير چيو ته ملڪي معاشي ترقي ۾ ڪاروباري ادارن جو اهم ڪردار آهي، ڪاروباري ادارا وڏي انگ ۾ نوڪريون مهيا ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪ جي جي ڊي پي ۾ نمايان حصو وٺن ٿا، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ملڪ ۾ صنعتي سرگرمين جي فروغ تي ڀرپور ڌيان ڏنو، اهو ئي سبب آهي جو اڄ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سيڙپڪاري وڌي آهي، ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپنين جي منافعي ۾ پڻ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي، صنعتي ۽ زرعي شعبي ۾ انقلابي قدمن جي ڪري ماڻهن جي آمدني ۾ 37 سيڪڙو اضافو ٿيو، 1100 ارب رپيا رورل اڪانومي کان زرعي شعبي ۾ منتقل ٿيا، اڄ اسان جو آبادگار خوشحال آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ صنعتي ۽ زرعي سرگرمين ۾ اضافي جي ڪري گاڏين، موٽرسائيڪلن ۽ ٽريڪٽرن جي وڪري ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي. اطلاعات وار?? وفاقي وزير چيو ته اسان پگهاردار طبقي کي درپيش م??ئلن کان آگاهه آهيون، حڪومت ان ڏس ۾ قدم کني رهي اهي، منافعي بخش ڪمپنين کي به پنهنجي ورڪرز جي پگهارن ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي انٽر پرينيور آرگنائيزيشن ج?? وفد حڪومت پاران صنعتن ۽ ڪاروبارن جي ترقي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو. وفد ۾ عاق چوڌري (رائس ورلڊ)، طارق محمد (اوٽو پاڪستان پرائيويٽ لم??ٽيڊ)، اشعر خان (ڪوم ٽيل، عمران غفور (ستاره پيروڪسائيڊ لم??ٽيڊ)، جاويد مصدق (اربن سول)، خرم گلزار (ويليو اسٽاڪ اينڊ ڪموڊيٽيز پرائيويٽ لم??ٽيڊ)، محسن خواجه (محمود گروپ)، شاهجهان ملڪ (گارڊ ايگريڪلچر ريسرچ اينڊ سروسز پرائيويٽ لم??ٽيڊ)، عمر اشرف (سپر ايشيا موٽرز پرائيويٽ لم??ٽيڊ)، تنوير احمد (ايفل انڊسٽريز لم??ٽيڊ)، قاسم چوڌري (مرڪنٽائل انٽرپرائيزز (پرائيويٽ) لم??ٽيڊ)، عمر ورڪ (حرا ملز لم??ٽيڊ) شامل هئا.