اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته معاشي سرگرمين جي فروغ لاءِ بهتر ۽ گهٽ لاڳت جي بنيادي ڍانچي جي تعمير جي لاءِ پرعزم آهيون، سيالڪوٽ – کاريان موٽروي منصوبو گيم چينجر ثابت ٿيندو، ملڪ جي قيمتي مالي وسيلن جي بچت جي لاءِ معياري ۽ گهٽ لاڳت جا رستا تعمير ڪيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيالڪوٽ – کاريان ??اولپنڊي موٽروي جي حوالي سان ??جلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين ۽ اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته اسان ??و مقصد ملڪ ۾ اقتصادي سرگرمي?? کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ بهتر ۽ گهٽ لاڳت رستا تعمير ڪرڻ آهي، سيالڪوٽ – کاريان موٽروي جي راولپنڊي تائين توسيع جو منصوبو گيم چينجر ثابت ٿيندو ۽ ان ??ان ??لائقي ۾ سامان ۽ خدمتن جي موثر چرپر کي يقيني بڻائي سگهبو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اين ايڇ اي نه رڳو وڌيڪ نوان ??ستا ٺاهي رهي آهي پر بهتر معيار ۽ گهٽ لاڳت جي رستن جي تعمير لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته 1753 ڪلوميٽر جي نئين رستن جا منصوبا شروع ڪيا ويا آهن. چئن ڦاڪن وارو رستو 17 ڪروڙ رپيا في ڪلو ميٽر جي حساب سان ??عمير ڪيو پيو وڃي جڏهن ته اڳوڻي حڪومتن جي دورن ۾ اهو رستو 37 ڪروڙ رپيا في ڪلو ميٽر جي حساب سان ??عمير ڪيو ويندو هو. تازو ئي شروع ٿيندڙ سيالڪوٽ – کاريان موٽروي اڳوڻي حڪومت پاران ??عمير ڪئي ويندڙ سيالڪوٽ – لاهور موٽروي کان 10 ڪروڙ رپيا في ڪلوميٽر گهٽ لاڳت سان ??عمير ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدار?? کي هدايت ڪئي ته ملڪ جي قيمتي مالي وسيل?? کي بچائڻ لاءِ گهٽ کان گهٽ ممڪن لاڳت تي معياري انفراسٽرڪچر جي تعمير جي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن.