اسلام آباد – 18 ڊس??بر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته دنيا فوري ڌيان نه ڏنو ته افغانستان ۾ انساني بحران شدت اختيار ڪري سگهي ٿو، افغانستان ۾ ??عط?? بئنڪنگ سسٽم فوري بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي. او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي حوالي سان پنهنجي هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان نازڪ صورتحال ۾ ورتل آهي، او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪانف??نس تمام گهڻي اهميت ??کي ٿي. دنيا فوري ڌيان نه ڏنو ته افغانستان ۾ انساني بحران شدت اختيار ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ڪانف??نس دنيا جو ڌيان افغانستان تي ڇڪرائڻ جي لاءِ تمام اهم آهي. دنيا کي افغانستان جي زميني حقيقتن کان آگاهه هجڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته ڪانف??نس ۾ افغان نمائندا به پنهنجو موقف پيش ڪندا. شاهه محمود قريشي خبردار ڪيو ته پناهگيرن جو بحران پيدا ٿيو ته ايران تائين محدود نه ره??دو، دنيا جي مفاد ۾ آهي ته افغانستان جي صورتحال نه بگڙي، نه ته پناهگير روزگار جي لاءِ يورپ جي دروازن تي به دستڪ ڏيندا. هن چيو ته هن وقت افغانستان ۾ جنگ نه ٿي ره?? آهي، بک جو مسئلو آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ ??عط?? بئنڪنگ سسٽم فوري بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي. بئنڪنگ سسٽم فعال نه ٿيو ته سڄي دنيا مان افغاني پئسا ڪيئن موڪليندا، افغان عبوري حڪومت وٽ پگهارون ڏيڻ جي لاءِ پئسا نه آهن. افغانستان جي پنهنجي وسيلن کي منجمند ڪيو ويو آهي.