اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته درست عدالتي ??پورٽنگ کانسواءِ عدليه جو وقار ۽ عو??م جي بنيادي حقن جو تحفظ ممڪن نه آهي، عدليه جي ڪو??يج ڪندڙ صحافي ملڪ ۾ ذميداراڻي صحافت جي فروغ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اها ڳالهه هن ملاقات لاءِ آيل پريس ايسوسي ايشن آف سپريم ڪو??ٽ جي وفد سان ڳالهائيندي چئي.
اطلاعات واري وزير پريس ايسوسي ايشن آف سپريم ڪو??ٽ جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته عدالتي ??پورٽنگ جي اهميت داخل ڪيل ڪيسن جيتري آهي، ڪيس داخل ٿيڻ کان پهرين درجنين معاملن ۾ عدالتون ميڊيا رپورٽس تي پاڻمرادو نوٽيس وٺنديون آهن. هن چيو ته غلط ۽ غير محتاط عدالتي ??پورٽنگ سان نه رڳو عو??م درست اطلاع جي حق کان محروم رهندي آهي پر قانون جي بالادستي ۽ عدليه جو وقار به متاثر ٿيندو آهي. وفاقي وزير چيو ته عدليه جو احترام سڀني تي لازمي آهي، جن خبرن تي ??دليه نوٽيس وٺندي آهي انهن خبرن جو حقيقي هجڻ ضروري آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته قانوني صحافت ۾ صحافت ۽ قانون ٻئي شامل هوندا آهن، عدليه جي ڪو??يج ڪندڙ صح??في?? جي تربيت ضروري آهي، ان ڏس ۾ حڪومت صحافتي ??نظيمن سان گڏجي لائحه عمل جوڙيندي.
وفاقي وزير چيو ته صح??في?? کي ترجيحي بنيادن تي ??حت ڪارڊز فراهم ڪري رهيا آهيون. ملاقات دوران اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پريس ايسوسي ايشن آف سپريم ڪو??ٽ جي وفد جا مسئلا ٻڌا ۽ انهن جي حل جي خاطري ڪرائي. وفد ۾ پريس ايسوسي ايشن آف سپريم ڪو??ٽ جو صدر راجا محسن اعجاز ۽ سيڪريٽري جنرل عديل سرفراز سميت ٻيا ميمبر شامل هئا.