راولپنڊي – 09 جنوري (اي پي پي) فوج جي عوامي لاڳاپن واري کاتي (آءِ ايس پي آر) چيو آ??ي ته مريءَ ۾ سمورا مواصلاتي ذريعا هر قسم جي چرپر جي لاءِ کوليا ويا آهن، ڪلڊنه باڙيان روڊ ٽر??فڪ جي لاءِ کوليو ويو آ??ي. آءِ ايس پي آر پاران مريءَ جي صورتحال تي جاري ت??زي ترين اپ ڊيٽس موجب مين رستن کي کولڻ کانپوءِ آرمي جا انجنيئرز هاڻي لنڪ روڊ تي ڌيان ڏئي رهيا آهن. ريليف ڪئمپ ۽ ميڊيڪل جون سهولتون مڪمل طور تي فعال آهن جڏهن ته فوجي گاڏيون ڦاٿل سياحن کي راولپنڊ?? ۽ ??سلام آ??اد پهچائڻ جي لاءِ استعمال ڪيون پيون وڃن.