اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار راءِ جي آزادي ۽ صحافت جي آزادي تي مڪمل يقين رکي ٿي، موجوده حڪومت صحافين جي تحفظ لاءِ جرنلسٽ پروٽيڪشن بل اسيمبلي مان پاس ڪر??يو، وزيراعظم عمران خان جي پنهنجو گهر اسڪيم تحت صحافين کي آسان ??سط?? تي گهرن جي لاءِ ??رض فراهم ڪيو پيو وڃي. ملتان پريس ڪلب جي نئين چونڊيل صدر شڪيل انجم ۽ عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته اميد آهي ته ملتان پريس ڪلب جي نئين چونڊيل قيادت صحافين جي ڀلائي لاءِ ??نهنجو ڪر??ار ادا ڪندي. هن چيو ته ملتان پريس ڪلب جا صحافي پنهنجي قلم ۽ مائيڪ سان ڏکڻ پنجاب جي اهم خبرن خاص طور تي زراعت جي شعبي کان پوري پاڪستان ۽ دنيا کي آگاهه رکن ٿا. هن چيو ته لاهور پريس ڪلب ۾ صحافين کي صحت ڪارڊ جاري ڪيا ويا آهن، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ باقي پريس ڪلبن جي م??مبرن کي پڻ صحت ڪارڊ فراهم ڪيا ويندا.