ماسڪو – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ٻي عالمي ??نگ دوران جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ روسي فوجين جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي. يادگار اچڻ تي ٻي عالمي ??نگ ۾ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ فوجين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. ٻنهي ملڪن ??ا قومي ??رانا پڻ وڄايا ويا ۽ فوجي دستي مارچ پاسٽ ڪندي وزيراعظم کي سلامي پيش ڪئي. يادگار ڪريملن جي ٻاهران اليگزينڊر باغ ۾ تعمير ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، توانائي وارو وفاقي وزير حماد اظهر، وزيراعظ?? جو واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظ?? جو قومي ??لامتي وارو صلاحڪار معيد يوسف ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جو اڳواڻ عامر ڪياني پڻ موجود هئا.