اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد چيو آهي ته مخالف ڌر سان بي اعتمادي جي ووٽنگ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيندو ان کانپوءِ اهي 2028ع تائين اٿي نه سگهندا، تحريڪ انصاف پريڊ ايوينيو ۾ تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو ڪرڻ وڃي رهي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مخالف ڌر سان بي اعتمادي رٿ جي ووٽنگ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيندو ان کانپوءِ اهي 2028ع تائين بيهي به نه سگهندا، انهن ??ي سين ۾ فل اسٽاپ اچي چڪو آهي، اهي فلاپ ٿي چڪا آهن، هن چيو ته اها فتح قوم جي فتح هوندي، قوم جڏهن ??اڳندي آهي تڏهن فتح حاصل ٿيندي آهي، اها قوم جاڳي وئي آهي، هن چيو ته ??سا?? مخالف ڌر سميت ڪنهن کي به برو ڀلو نه چونداسين، هنن چيو ته جيڪي ??سا?? جي لاءِ ڪيو ??سا?? انهن ??ا ٿورائتا آهيون، انهن ??ي لاءِ بهترين لفظ ۽ بهترين زبان استعمال ??ري سگهون ٿا. هن چيو ته مخالف ڌر هڪ ٽريپ جي اندر اچي وئي آهي،??سا?? هڪ جلسو رکيو هو، هنن به هڪ جلسو رکي ڇڏيو آهي، مخالف ڌر اچي جلسا ڪري، ڪو به غير قانوني ڪم کان پاسو ڪري ٻي صورت ۾ قانون حرڪت ۾ ايندو.مخالف ڌر کي جلسو ڪرڻ گهرجي قوم جي س??مهون واضح ٿي ويندو ته ڪير ڇا ڪري رهيو آهي، حڪومت جو پريڊ ايوينيو ۾ جلسو پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو هوندو جنهن ۾ نوجوانن، بزرگن، عورتن جو وڏو تعداد شرڪت ڪندو.