اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته گذريل حڪومت سياسي مخالفن کي بدترين انتقامي ڪاررواين جو نشانو بڻايو، چيو ويو ته شهباز شريف ڪڊني ۽ ليور انسٽيٽيوٽ ٺاهڻ تي 20 ارب رپيا لڳائي ڇڏيا ۽ ان تي مون کي نيب جي عقوبت خاني ۾ رکيو ويو، پاڪستان ڪڊني ۽ ليور انسٽيٽيوٽ کي جلد مڪمل فعاليت جي هدايت ڪئي آهي، هي اسپ??ال رڳو پنجاب نه پر پوري پاڪستان جي لاءِ آهي، خواهش هئي ته هن سينٽر کي ٽرسٽ ۾ تبديل ڪريون. پاڪستان ڪڊني ۽ ليور انسٽيٽيوٽ جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته خادم پنجاب هوندي 10 سالن ۾ اربين رپيا غريبن، يتيمن، بيواهن جي علاج تي لڳايا، هي سينٽر مستحق مريضن جي مفت علاج جي لاءِ ٺاهيو ويو، اداري ۾ رڳو 6 آپريشن سينٽر فعال جڏهن ته 14 بند پيل آهن، خواهش هئي ته پي ڪي ايل آئي کي ٽرسٽ ۾ تبديل ڪريون، هن سينٽر جي دوري جو مقصد طبي سهولتن جو جائزو وٺڻ آهي، هي سينٽر رڳو پنجاب يا مخصوص ماڻهن جي لاءِ نه پر پوري پاڪستان جي عوام لاءِ آهي جنهن جو افتتاح 2018ع ۾ ٿيو جتي غريبن جو علاج مفت ٿيڻو هو جڏهن ته هاڻي بريفنگ تي خبر پئي ته غريب مريضن جا هتي رڳو 17 سيڪڙو ڪڊني ٽرانسپلانٽ ٿيا ۽ 83 سيڪڙو اميرن جو هتي علاج ٿيو، هي اسپ??ال مستحق مريضن جي مفت علاج جي لاءِ ٺاهي وئي هئي. هن چيو ته هتي پنجاب حڪو??ت جا وسيلا ۽ ٻيا فنڊز جمع ڪري هن سينٽر کي هڪ ٽرسٽ طور ٺاهڻ چاهيو پئي جتي غريبن جو مفت علاج ٿي سگهي، هتي صاحب حيثيت ماڻهو به ادائيگي ڪري ضرور پنهنجو علاج ڪرائين جڏهن ته اهي پنهنجو علاج دنيا جي سٺن ملڪن ۾ به ڪرائي سگهن ٿا. هي اسپ??ال هتي اميرن ۽ غريبن جي فرق کانسواءِ علاج جي سهولت لاءِ ٺاهي وئي هئي. بطور پنجاب جي وڏي وزير اربين رپين جي مستحقين جي ڀارت ۽ چين ۾ ليور ۽ ڪڊني ٽرانسپلانٽ جي لاءِ مالي مدد ڪئي، ڪڊني ٽرانسپلانٽ جي لاءِ ڀارت ۽ چين اسان جا مريض وڃي رهيا هئا اسان ڏيڍ کان ٻن سالن ۾ پر??يه?? ناڻو ٻاهر وڃڻ کان روڪڻ جي لاءِ هي اسپ??ال ٺاهي، ڊاڪٽر سعيد اختر ۽ سندس ٽيم جي گڏيل ڪوششن سان هي اسپ??ال ٺهي. فيصل ڊار جهڙي قابل معالج کي هتي آڻي هن اسپ??ال کي فعال ڪيو. هن اسپ??ال جي ٺاهڻ تي چيو ويو ته ان تي شهباز شريف 20 ارب رپيا لڳايا، ان تي نيب پڇاڳاڇا به ڪئي ۽ عقوبت خاني ۾ به رکيو پر هڪ رپئي جي ڪرپشن ثابت نه ٿي، اسپ??ال جي عملي آم??يڪا مان هڪ مخصوص ڪمپني جا اوزار گهرائڻ جو چيو ته ان جي لاءِ ڪراچي جي هڪ صاحب حيثيت کان 9 ڪروڙ رپيا عطيو وٺي اوزار هن اسپ??ال جي لاءِ گهرايا. هن چيو ته ملڪ ۾ ڪڊني ۽ ليور ٽرانسپلانٽ جا اهڙا مريض جيڪي مختلف شهرن ۾ ٿيندڙ غيرقانوني ٽرانسپلانٽ مرڪزن جتي حفاظتي تدبيرون به اختيار نه ٿيون ڪيون وڃن ??تي ٽرانسپلانٽ ڪرائڻ تي مجبور هئا. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪو??ت جو منصوبو هجڻ جي ڪري ان کي جيڪڏهن ذ??تي عناد جو شڪار بڻايو وڃي ته اها افسوس جوڳي ڳالهه آهي، هاڻي ان جي نگراني ڪئي ويندي. هن چيو ته هن سينٽر کي مڪمل فعال ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل عملدارن کي حڪم ڏئي ڇڏيا آهن، اسان پنهنجا هدف حاصل ڪرڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿينداسين.