اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽين تي زور ڏنو آهي ته سڄي دنيا خاص طور تي پاڪستان ۾ هنرمندي افرادي قوت جي ضرورتن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڀرندڙ مارڪيٽ رجحانن موجب وڌيڪ هنرمند پيشيور ماڻهو تيار ڪن، هنرمندي انساني وسيلن جي وڌندڙ گهرج پورو ڪرڻ لاءِ آن لائن ۽ فاصلاتي تعليم کي فرو?? ڏيڻو پوندو. اها ڳالهه هن ايوان صدر ۾ نيشنل اسڪ??ز يونيورسٽي جي سينيٽ جي چوٿين اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ نيشنل اسڪ??ز يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد مختار ۽ يونيورسٽي جي سينيٽ جي ميمبر?? شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته يونيورسٽيون اڀرندڙ مارڪيٽ رجحانن موجب وڌيڪ هنرمند پيشيور ماڻهو تيار ڪن، پاڪستان سان گڏوگڏ سڄي دنيا ۾ هنرمند ماڻهن جي سخت ضرورت آهي، هن چيو ته شاگردن جو تعداد وڌائڻ جو منصوبو تيار ڪرڻ لاءِ اسڪ??ز يونيورسٽي هڪ ڪميٽي جوڙي، هنرمندي افرادي قوت جي مارڪيٽ گهرج پوري ڪرڻ لاءِ مختصر ڪورسز شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي، صدر چيو ته سڄي ملڪ جي يونيورسٽين ۾ ٻه شفٽو?? شروع ڪرڻيون پونديون، هنرمند انساني وسيلن جي وڌندڙ گهرج پورو ڪرڻ لاءِ آن لائن ۽ فاصلاتي تعليم کي فرو?? ڏيڻو پوندو، اجلاس ۾ نيشنل اسڪ??ز يونيورسٽي جي سينيٽ جي ٽئين اجلاس جي منٽس جي به منظوري ڏني وئي، اجلاس ۾ مير چاڪر خان رند يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي، ڊيره غازي خان سان مفاهمت جي يادداشت جي به منظوري ڏني وئي، يادداشت تحت ادارن جي وچ ۾ تحقيق، تعليم ۽ پيشيوراڻي مهارت جي تربيتي پروگرامن کي فروغ ڏنو ويندو.