اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ۽ عوامي جمهوريه چي?? جي وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ جي وچ ۾ ڪالهه سومر ڏينهن ٽيليفون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه روايتي گرمجوشي ۽ دوستي جي ماحول ۾ ٿي جيڪا پاڪ چي?? لاڳاپن جي سڃاڻپ آهي. وزيراعظم چي?? جي حڪومت ۽ عوام سان 26 اپريل 2022ع تي ڪراچي يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ ڪڌي دهشتگرد حملي تي تعزيت جو اظهار ڪيو جنهن ۾ ٽي چي??ي اسڪالرز پنهنجي حياتي وڃائي ويٺا هئا. وزيراعظم متاثرين جي گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار پڻ ڪيو. وزياعظم دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪئي ۽ ان ڏوهاري فعل ڪندڙ ماڻهن کي پڪڙڻ ۽ انهن کي اسان جي قانونن موجب انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ مڪمل جاچ جي لاءِ پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجايو. وزيراعظم ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان اقتصادي منصوبن ۽ ادارن تي پاڪستان ۾ ڪندڙ سمورن چي??ي شهرين جي تحفظ ۽ سلامتي کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. وزيراعظم چي?? جي وزيراعظم کي خاطري ڪرائي ته سندس حڪومت پاڪستان ۾ چي??ي شهرين جي سلامتي ۽ تحفظ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ٻنهي وزيراعظم ٻطرفن معاملن تي پڻ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پاڪستان ۽ چي?? پنهنجي آزمايل ۽ هر قسم جي حالتن ۾ جاري رهندڙ اسٽريٽجڪ تعاون ۽ حصيداري کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏيندا. وزيراعظم پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سلامتي ۽ قومي ترقي جي لاءِ چي?? جي ڀرپور حمايت تي ٿورا مڃيا ۽ بنيادي مفاد جي سمورن معاملن تي چي?? جي حڪومت جي اڻٿڪ حمايت کي ورجايو. وزيراعظم پاڪ چي?? اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) تحت جاري ۽ نئين منصوبن کي تيز رفتاري سان اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي پڪي عزم جي توثيق ڪئي جن پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ تمام گهڻو تعاون ڪيو. وزيراعظم خصوصي اقتصادي زونز (ايس اي ڊيز) کي جلد کان جلد مڪمل طور تي فعال ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپيل ادارن جي وچ ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پاڪستان ۽ چي?? جي حصيداري جو ذڪر ڪندي وزيراعظم انهن چي??ي عملدارن جي تجربي مان سکڻ جي خواه?? جو اظهار ڪيو جن پنهنجي صوبن ۾ ايس اي ڊيز قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم ايم ايل ون منصوبي سميت ٻنهي ملڪن جي لاءِ اسٽريٽجڪ اهميت رکندڙ منصوبن لاءِ چي?? س??ن گڏجي نئين جوش ۽ ولولي سان ڪم ڪرڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف عوام سان عوام ??ي رابطن تي زور ڏيندي چي??ي وزيراعظم کي پاڪستاني شاگردن جي خاندانن جي جذبن کان پڻ آگاهه ڪيو جيڪي پنهنجي تعليم ٻيهر شروع ڪرڻ جي لاءِ چي?? واپس وڃڻ جا خواهشمند هئا. وزيراعظم لي خاطري ڪرائي ته چي?? اقتصادي تعاون وڌائڻ، واپار کي سگهه ڏيڻ ۽ چي?? مان پاڪستان ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي جي لاءِ تيار آهي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ ان خيال جو اظهار ڪيو ته چي?? هر طرح جي اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي ٻنهي ملڪن جي عوام جي اهم مفادن س??ن گڏوگڏ تغير پذير علائقائي ۽ عالمي ماحول جي ڏس ۾ امن ۽ استحڪام جي وسيع تر مفادن لاءِ جاري رهڻ گهرجي، ان مقصد جي لاءِ ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ بلندين تائين پهچائڻ جي لاءِ رابطن کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.