اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ڪامن ويل?? گيمز ۾ جيولن ٿرو ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪرڻ تي ارشد ند??م کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هن پاڪستان جي لاءِ قابل فخر ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ صبح سوير بيدار ٿيڻ تي شاندار خبر ٻڌڻ لاءِ م??ي ته ارشد نديم ڪامن ويل?? گيمز ۾ پنهنجو پهريون گولڊ ميڊل حاصل ڪري قوم جي لاءِ قابل فخر ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي. ارشد نديم جو تسلسل، محنت، لڳاءُ نوجوانن جي لاءِ مشعل راهه آهي. وزيراعظم شهباز شريف ان شاندار ڪاميابي تي ارشد ند??م کي مبارڪباد ڏني.