اس??ام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ??ه قوم اڄ پاڪستان جي دفاع ج?? ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي شهيدن ۽ غازين کي س??ام پيش ڪري ٿي، جن ڀارتي جارحيت جي خلاف ملڪ جي تحفظ جي لاءِ ??نهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ انهي جذبي جي ضرورت آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هٿياربند فوج ۽ قوم متحد ٿي پنهنجي جاگرافيائي سالميت جي خلاف ڀارتي جنگي جنون کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. هن چيو ته تاريخي ٻوڏ جي تباهين ۽ ٻين مسئلن کي منهن ڏيندي اسان کي اڄ 1965ع ج?? جذبي جي ضرورت آهي. قوم جو اتحاد ئي اسان جي سڀ کان وڏي طاقت آهي. هٿياربند فوج ۽ عوام جي اتحاد جي رشتي کي ٽوڙڻ جو ارادو ڪندڙ پاڪستان جو دوست نه ٿو ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته اچو قوم جي اتحاد جي ان رشتي کي مضبوط بڻايون.