نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (??ي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪا جي انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ فنانس ڪارپوريشن جي سي اي او اسڪاٽ ناٿن سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي ??فيس موجب بلاول ڀٽو زرداري اسڪاٽ ناٿن جي وچ ۾ ملاقات ۾ نجي شعبي ۾ سيڙپڪا??ي جي موقعن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. پرڏيهي وزير ۽ اسڪاٽ ناٿن جي وچ ۾ توانائي، ز??اع?? کانسواءِ موسمياتي تبديلين سان مقابلي جي منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي و?? ٿي. ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته معيشت ۽ عورتن جي خودمختياري پاڪستان جي اولين ترجيح آهي. هن اسڪاٽ ناٿن کي پاڪستان جي دو??ي جي دعوت پڻ ڏني.