اسلام آباد – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل فلڊ ريسپانس ڪوآرڊينيشن سينٽر اين ايف آر سي سي ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ فورم کي ??ازي صورتحال ۽ ٻوڏ سبب انساني جانين، چوپائي مال ۽ انفراسٽرڪچر تي پوندڙ اثر?? بابت تفصلي بريفنگ ڏني وئي. نيشنل ڪوآرڊينيٽر فورم کي ??نڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن جي پنهنجي تازي دوري ۽ ٻوڏ سبب ??يل نقصانن جي فضائي جائزي سميت اهم معامل?? بابت آگاهه ڪيو. فورم ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته تازي ٻوڏ ۾ ٿيل نقصان ماضي جي قدرتي آفتن جي نقصانن کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهن. تازين برساتن سبب سنڌ، بلوچستان، پنجاب جا علائقا شديد متاثر ٿيا. فورم کي ٻڌايو ويو ته 33 ملين ماڻهو متاثر آهن جن ۾ 16 ملين ٻار شامل آهن، سندن زندگي بچائڻ لاءِ فوري مدد جي شديد ضرورت آهي. برساتن ۽ ٻوڏ سبب 1500 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا جن ۾ 500 کان وڌيڪ ٻار پڻ شامل آهن. فورم کي ??هو پڻ ٻڌايو ويو ته متاثر ماڻهن جي کاڌي تي پڻ خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي خاص طور تي ٻارن جي خوراڪ ۽ ڳورهارين عورتن لاءِ سپليمنٽري خوراڪ ڇو جو غذائيت جي کوٽ سبب صحت جي مسئلن جو خطرو آهي. فورم کي ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ پاڻي سبب ??يدا ٿيل بيماريون ڦهلجڻ جو وڏو خطرو آهي. فورم هدايت ڏني ته بيماريون ڦهلجڻ تي ضابطو آڻڻ لاءِ هنگامي قدم کڻڻا پوندا. فورم جنگي بنيادن تي گڏيل سروي ڪرن جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن نقصان جو واضح اندازو لڳائي سگهجي ۽ سياري جي شروعات کان اڳ قدمن کي يقيني بڻائي سگهجي. فورم هنگامي بنيادن تي انفراسٽرڪچر جي بحالي جي منصوبي جو پڻ جامع جائزو ورتو.