اسلام آباد-30 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري واري وفاقي وزير ۽ ڊپٽي چيئرمين اين ايف آر سي سي احسن اقبال جي صدارت هيٺ گذريل ڏ??نهن اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ٻوڏ متاثرن علائقن ۾ خوراڪ، طبي وسيلن ۽ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پاڻيءَ جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اين ايف آر سي سي مطابق وفاقي يونٽن کي چيو ??يو آهي ته هو ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ صحت جي پرگهور واري عملي جي دستيابي ۽ عملي جو انگ وڌايو وڃي. وفاقي وزير اين ايڇ اي کي هدايت ڪئي ته هو اين فائيو جي بحاليءَ کي يقيني بڻائي ته جيئن سپلاءِ جا رستا کُليل رهن. هن سنڌ ۽ بلوچستان جي حڪ??مت کي هدايت ڪئي ته هو پاڻيءَ هيٺ آيل علائقن ۾ پاڻيءَ جي نيڪاليءَ لاءِ روڊ ميپ پيش ڪن. فورم کي ٻُڌايو ??يو ته متاثر ضلعن ۾ خوراڪ ۽ ٻين شين جي تمام گهڻي ضرورت آهي، عورتن ۽ ٻارن کي خصوصي غذائي شيون جهڙوڪ کير، اناج، عورتن لاءِ اضافي خوراڪ جي اشد ضرورت آهي، جيئن جيئن ٿڌ جي موسم شروع ٿي رهي آهي ته هڪ وڏي آباديءَ کي پناهگاهن ۽ خيمن جي ضرورت آهي. فورم زور ڀريو ته حڪ??متي وسيلن سان گڏوگڏ عوام ۽ فلاحي تنظيمن جي مدد ڪئي وڃي ته جيئن آسانيءَ سان رليف ڪيمپن تا??ين پهچي سگه??ي ۽ مصيبت ۾ گهيريل پنهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن تا??ين عطيا پهچائي سگهن.