اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عمران نيازي خطرناڪ راند کيڏي رهيو آهي، بي بنياد الزام بازي بدران جوڊيشل ڪميشن جي جاچ جي نتيجن جو انتظار ڪيو وڃي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته عمران نيازي ارشد شريف جي افسوسناڪ ق??ل کي پنهنجي گهٽيا سياست جي لاءِ استعمال ڪري ??هيو آهي ۽ ر??استي ادارن تي شڪ شبهن جو اظهار ڪري ??هيو آهي. هن چيو ته عمران خان کي صبر کان ڪم وٺڻ گهرجي ۽ بي بنياد الزام هڻڻ بدران جوڊيشل ڪميشن جي جاچ جي نتيجن جو انتظار ڪرڻ گهرجي.