لاهور – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) لاهور آرٽس ڪ??ئو??سل الحمرا ۾ ڪاري ڏينهن جي موقعي تي نمائش بليڪ ڊي من??قد ڪئي وئي، جنهن جو افتتاح ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر الحمرا ذوالفقار علي زلفي ڪئي. نمائش ۾ سڄي ملڪ مان 50 آرٽسٽن جو ڪم ڏيکاريو ??يو. ان موقعي تي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر الحمرا چيو ته الحمرا ڪشمير جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. نمائ?? ۾ ??ڳل فنپارا ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد کي بيان ڪري رهيا آهن. ذوالفقار علي زلفي چيو ته ڪشميري ڀائرن جون قربانيون ڪڏهن به رائيگان نه وينديون، ڪشميرين جي آزادي جو سج ضرور اڀرندو.