اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پا??ست??ن سعودي عرب جي شهزادي ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن ??لم??ن پاران پا??ست??ن جي ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ هڪ ارب ڊالر جي امداد جي اعلان تي سندس ٿورا مڃي ٿو. پا??ست??ن ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ سعودي عرب جي امداد کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي فنڊ جي 4 رڪني و??د سان اسلام آباد ۾ ملاقات دوران ڪيو. وفد جي سربراهي سعودي فنڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ??لم??ن المرشد ڪري رهيو هو. وزيراعظم پا??ست??ن جي ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ هڪ ارب ڊالر جي امداد جي اعلان تي سعودي عرب جي عوام ۽ حڪومت جا دل سان ٿورا مڃيا. وزيراعظم مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پا??ست??ن جو ساٿ ڏيڻ تي سعودي وزيراعظم ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن ??لم??ن جا به خصوصي ٿورا مڃيا. ملاقات دوران پا??ست??ن ۾ سعودي عرب جي ??خت??ف ترقياتي منصوبن جو به جائزو ورتو ويو. ملاقات ۾ ناڻي وارو وزير محمد اسحاق ڊار، قانون وارو وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار موجود هئا.