اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي س??ڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان بيجنگ ۾ چين ??ي پرڏيهي وزير ڪن گينگ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي س??ڪريٽري ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ۽ چين ڀائر ملڪ، قابل اعتماد دوست ۽ امن ۽ ترقي جي لاءِ پائيدار حصيدار آهن. پرڏيهي س??ڪريٽري سان ڳالهائيندي ڪن گينگ چين پاڪستان اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ جي لاءِ چين ??ي پڪي عزم کي ورجايو ۽ پاڪستان کي هر قسم جي تعاون جاري رکڻ جو و??جاءُ ڪيو. چين ??ي پرڏيهي وزير ڪن گينگ ۽ پرڏيهي س??ڪريٽري اسد مجيد خان اڀرندڙ علائقائي ۽ عالمي حالتن ۾ چين پاڪستان اسٽريٽجڪ لاڳاپن جي اهميت کي ورجايو ۽ گڏيل لاڳاپن ۾ مستحڪم رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن نومبر 2022ع ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي بيجنگ جي دوري دوران طئي ٿيندڙ اتفاق راءِ کي وڌ??ڪ سگهارو بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن پاڪ چين ??قتصادي لنگهه (سي پيڪ)، واپار ۽ سيڙپڪاري، مالي تعاون، سماجي تعاون، اقتصادي ترقي، ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپن سميت متنوع ڊومينز کي وڌ??ڪ اڳتي وڌائي سگهجي.