اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ثمرقند ۾ تاجڪستان جي پرڏيهي وزير سان ملاق??ت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب مملڪتي وزير حنا رباني کر افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي چوٿين اجلاس جي موقعي تي تاجڪستان جي پرڏيهي وزير سراج الدين محردين سان ملاق??ت ڪئي. ٻنهي وزيرن گڏيل دلچسپي جي ٻطرفن ۽ عالمي معام??ن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي تي صحيحن کانپوءِ ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.