اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رب??ني قطر جي گادي واري شهر دوحه ۾ گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ افغانس??ان بابت منعقد ٿيندڙ خصوصي ايلچين جي ٻن ڏينهن واري اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهي آهي، هوءَ اجلاس ۾ شرڪت کانسواءِ ٻين ملڪن جي اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ا??تو??يو گوٽريس جي سربراهي ۾ ٿيندڙ ان اجلاس ۾ علائقائي ۽ عالمي ملڪ افغانس??ان جي موجوده صورتحال کي تعميري ڳالهه ٻولهه جي ڏس ۾ بحث هيٺ آڻيندا. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير افغانس??ان جي حوالي سان پاڪس??ان جو موقف پيش ڪندي ۽ عالمي ۽ علائقائي حصيدارن سان اڳتي وڌڻ جي رستي جي حوالي سان اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ بابت ڪم ڪندي. ترجمان چيو ته پاڪس??ان هڪ پرامن، مستحڪم، خودمختيار۽ خوشحال افغانس??ان جي گڏيل مقصدن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سمورين ڪوششن جي حمايت جاري رکندو.