اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جميعت علما??ِ اسلام ۽ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آ??يس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳ??اڻن ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تفصيلي مشاورت ڪئي. ملاقات ۾ پ?? ٽي آءِ جي ڪارڪنن پاران رياستي ادارن تي حملي ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي. ٻنهي اڳ??اڻن سپريم ڪورٽ جي تازي فيصلي تي پڻ مشاورت ڪئي ۽ اڳتي جي حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.