اسلام آباد / مظفر آباد – 16 – مئي (اي پي پي) پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان پاڪستان پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جي ??ڳواڻن اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي ۽ والاريل سرينگر ۾ ڀارت پاران جي – 20 ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي پنهنجي ڳڻتي کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪندڙن ۾ پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جو صدر چوڌري محمد ياسين، مخالف ڌر اڳواڻ چوڌري لطيف اڪبر، سردار يعقوب، فيصل راٺوڙ، جاويد ايوب، ميان وحيد، جاويد بڍانوي، قاسم مجيد، بازل نقوي، نبيلا ايوب، عامر ياسين ۽ سردار ضياءَ قمر شامل هئا. ان موقعي تي وزيراعظم جو ڪشمير معاملن وارو صلاحڪار قمر زمان ڪائره پڻ موجود هو. پاڪستان پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جي ??ڳواڻن پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي آگاهه ڪيو ته ڀارت ۾ ٿيندڙ جي – 20 ڪانفرنس جو والاريل سرينگر ۾ منعقد ٿيڻ ڪشميرين جي لاءِ ناقابل قبول آهي. هنن بلاول ڀٽو زرداري کي والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ جي – 20 ڪانفرنس دوران مظفر آباد ۽ باغ جي ??وري جي ??عوت ڏني ۽ درخواست ڪئي ته هو ان موقعي تي ڪشميرين جو ڪيس دنيا آڏو پيش ڪري. پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ڪشمير جو ڪيس منهنجي ??رجيحن ۾ سرفهرست آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جي ??ڳواڻن جي ??اغ ۽ مظفرآباد جي ??وري جي ??عوت قبول ڪري ورتي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اڳواڻن کي هدايت ڪئي ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جي – 20 ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي ??والي سان سمورين سي??سي پارٽين کي اعتماد ۾ وٺن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جي ??عوت تي پناهگيرن سان ملاقات پڻ ڪندو ان موقعي تي سول سوسائٽي سان پڻ رابطا ٿيندا. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري باغ، آزاد ڪشمير ۾ احتجاجي ??لسي کي خطاب ڪندو ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن کي اجاگر ڪندو.