اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت ڊفي??س ڊويزن جي 16 منصوبن جي لاءِ 3400 ملين رپيا رکيا ويا آهن، انهن ۾ 8 جاري ۽ 8 نوان منصوبا شامل آهن. جاري پي ايس ڊي پي موجب ڊفي??س ڊويزن پاران جاري اسڪيمن جي لاءِ 2112.56 ملين رپيا جڏهن ته نئين اسڪيمن جي لاءِ 1287.43 ملين رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. جاري اسڪيمن ۾ آءِ سي ٽي ۽ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل ايگريڪلچر سسٽم جي تياري جي لاءِ 190 ملين رپيا، ??يش??ل ايرو اسپيس سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ ايوي ايشن سٽي پاڪستان قائم ڪرڻ جي لاءِ 853 ملين رپيا، ??يش??ل اسپٽيل ڊيٽا انفراسٽرڪچر جي قيام جي فزيبلٽي اسٽڊي جي لاءِ 60 ملين رپيا، انسٽيٽيوٽ آف انڪلوسيو ايجوڪيشن اسلام آباد جي قيام لاءِ 40.43 ملين رپيا، ??يش??ل يونيورسٽي اف پاڪستان اسلام آباد جي قيام لاءِ 223.55 ملين رپيا، اين آئي ايڇ ٽي سينٽر ??ف ايڪسي لينس فار پريونيٽو، ڪارڊيو ويسڪولر ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ جي لاءِ 170 ملين رپيا، ??يش??ل يونيورسٽي اف ميڊيڪل سائنس پاران اسلام اباد ۾ ميڊيڪل سٽي جي لاءِ زمين حاصل ڪرڻ (فيز 2) جي لاءِ 558.127 ملين رپيا ۽ خانپور ڊيم واٽر ??ورس (فيز 3) تي واٽر ڊسٽري بيوشن نيٽ ورڪ جي لاءِ 17.45 ملين رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. انهن سمورين اسڪيمن جي مجموعي لاڳت جو ڪاٿو 880.500 ملين رپيا لڳايو ويو هو. ڊفي??س ڊويزن جي جاري اسڪيمن نيو جنريشن ??يش??ل جيوڊيٽڪ ڊيٽم آف پاڪستان جي قيام لاءِ 9 ملين رپيا، ايريل فوٽوگرافڪ سروي جي لاءِ جديد يو اي ويز (ڊرونز) جي خريداري جي لاءِ 272 ملين رپيا رکيا ويا آهن. نئين اسڪيمن جي مجموعي لاڳت جو ڪاٿو 5179.61 ملين رپيا لڳايو ويو آهي جنهن ۾ 1522.614 ملين رپين جي غيرملڪي امداد شامل آهي.