اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لينڊ انفارميشن اينڊ مئنيجمينٽ سسٽم سينٽر آف ايڪسيلينس (ايل آئي ايم ايس) جي افتتاحي تقريب ?? خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير پڻ موجود هو. تقريب ۾ ناڻي، منصوبابندي ۽ ترقي، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ، اطلاعات ۽ نشريات وارن وفاقي وزيرن، صوبائي حڪومت جي چيف سيڪريٽرين، زرعي ماهرن ۽ سينيئر فوجي عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ورلڊ فوڊ پروگرام موجب 36.9 سيڪڙو پاڪستاني غذائي عدم تحفظ جو شڪار آهن ۽ انهن مان 18.3 سيڪڙو کي خوراڪ جو شديد بحران درپيش آهي. موجوده غذائي عدم تحفظ، وڏي پئماني تي غذائي کوٽ ۽ زرعي مصنوعات جي وڌندڙ درآمدي بل سان گڏوگڏ آبادي ۾ اضافي ۽ مستقبل جي گهريلو غذائي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي قومي، سياسي، اقتصادي ۽ فوجي قيادت ان اهم مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فيصلائتا ۽ نتيجاخيز قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ايل آئي ايم ايس جو قيام پهريون غيرمعمولي قدم آهي جنهن جو مقصد غذائي تحفظ کي وڌائڻ ۽ زرعي روانگي واپار کي بهتر بڻائڻ آهي ۽ اهڙي طرح ملڪ جي اندر لکين ايڪڙ غيرپوکيءَ شده/ گهٽ پيداوار واري زمين کي تبديل ڪري قومي ناڻي تي درآمدي بار کي گهٽ ڪرڻو آهي. هي جديد ترين نظام جديد ٽيڪنالاجيز ۽ زمين جي زرعي ماحولياتي صلاحيت تي ٻڌل پائيدار دوست زرعي طريقن جي ذريعي زرعي پيداوار کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڏيندو جڏهن ته ڳوٺاڻي آبادين جي ڀلائي ۽ ماحوليات جي تحفظ کي يقيني بڻائيندو. جي آءِ ايس تي ٻڌل ايل آئي ايم ايس زراعت جي ڊيجيٽلائيزيشن کي منظم ڪري قومي زرعي پيداوار کي بهتر بڻائيندو، ريموٽ سينسنگ ۽ جاگرافيائي ٽيڪنالاجيز جي ذريعي مقامي آبادگارن کي مٽيءَ، فصل، موسم، پاڻي وسيلن ۽ جيتن جي نگراني بابت وقت سر صحيح معلومات فراهم ڪندو ۽ گڏوگڏ موثر مارڪيٽنگ جي نظام جي ذريعي مڊل مين جي ڪردار کي گهٽ کان گهٽ ڪندو.