اسلام آباد – 25 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڊينمارڪ ۾ عراقي سفارتخاني سامهون قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي تازي واقعي تي سڄي دنيا جي مسلمانن ۾ سخت ڪاوڙ جي لهر آهي. پنه??جي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اسان پاڪستاني ان واقعي تي شديد ڏک ۽ تڪليف ۾ آهيون، ان مڪروهه ۽ شيطاني واقعن جو بار بار ٿيڻ بين المذاهب لاڳاپن کي مجروح ڪرڻ، امن ۽ هم آهنگي کي نقصان پهچائڻ ۽ مذهبي نفرت ۽ اسلامو فوبيا کي فروغ ڏيڻ جو ڪڌو ا??اد?? رکي ٿو. هن حڪومت ۽ خاص طور تي مذهبي اڳواڻن کان مطالبو ڪيو آهي ته اهي اهڙن ڪڌن طريقن کي ختم ڪري. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اچو اسان آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن کي اربين ماڻهن جي جذبن کي ٺيس پهچائڻ نه ڏيون ۽ انهن کي انهن جي ڪڌي ايجنڊا تي عمل نه ڪرڻ ڏيون.