اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن کي نه رڳو نگران حڪومت پر ايندڙ چونڊيل حڪومت به سهولت فراهم ڪندي، سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري منصوبن کي فوري ۽ بنا رڪاوٽ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بنائيندي، پاڪستان ۾ معدنيات جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي عرب جي کاڻين جي کوٽائي، صنعت ۽ معدنيات واري نائب وزير خالد بن صالح المدفر سان سعودي وفد سان گڏ ملاقات دوران ڳا??هه ٻو??هه ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وفاقي وزير م??دوم مرتضيٰ محمود، خرم دستگير، پيٽروليم وارو مملڪتي وزير م??دق ملڪ، خاص معاون تسنيم احمد قريشي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان اچڻ تي توهان جي آجيان ڪريون ٿا، پاڪستان سعودي عرب پاران هر م??ڪل وقت ۾ مدد تي سعودي حڪومت ۽ عوام جا ٿورائتا آهيون، پاڪستان توهان جو ٻيو گهر آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب ??ا ڀائراڻا لاڳاپا خصوصي اهميت رکن ٿا، پوري پاڪستاني قومي سعودي فرمانروا شاهه سلمان ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي ??اڪستان جي ??شڪل وقت ۾ مدد تي انهن جي ??ورائتي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن کي نه رڳو نگران حڪومت پر ايندڙ چونڊيل حڪومت به سهولت فراهم ڪندي. هن چيو ته ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي، سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري منصوبن کي فوري ۽ بنا رڪاوٽ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائيندي. هن چيو ته پاڪستان ۾ معدنيات جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن، حڪومت جو 10 هزار ميگاواٽ شمسي بجلي جو منصوبو به ٻاهرئين سيڙپڪارن جي ??اءِ بهترين موقعو آهي. ان موقعي تي سعودي سفير چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جو قيام پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪارن جي ??اءِ هڪ مثبت ۽ اهم پيغام آهي، سعودي عرب پاڪستان جي ??عدنيات جي شعبي ۾ موجود وسيع موقعن ۾ سيڙپڪاري جي گهري دلچسپي رکي ٿو. ملاقات ۾ خالد بن صالح المدفر وزيراعظم جي ??اڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪارن جي ??اءِ سهولت جي ??دمن ۽ ايس آئي ايف سي جي ??يام تي خراج تحسين پيش ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ايس آئي ايف سي جو قيام حڪومت جي ??اڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي ??روغ جي ??اءِ هڪ سنجيده قدم آهي جيڪو پاڪستان جي ??عيشت جي ترقي جو سبب بڻجندو. هن چيو ته پاڪستان انهن جو ٻيو گهر آهي ۽ سعودي عرب پاڪستان سان پنهنجو تعاون جاري رکندو. سعودي وفد ۾ سعودي عرب جو پاڪستان ۾ سفير نواف بن سعيد المالڪي، عبدالله موفترالشمراني چيئرمين سعودي جيولاجيڪل سروي، عبدالرحمان خالد کاڻين جي کوٽائي جي صنعت وارو نائب وزير ۽ اعليٰ سعودي عملدار شامل هئا.