اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ قمر زمان ڪائره وزيراعظم کي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان واري وزارت سان لاڳاپيل معاملن تي تف??يل?? بريفنگ ڏني. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي تف??يل?? ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ قمر زمان ڪائره وزيراعظم کي 5 آگسٽ تي ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي ٿيندڙ سرگرمين، سيمينارز ۽ آگاهي مهم خاص طور تي سڄي دنيا ?? پاڪستان جي سفارتخانن ۾ ان حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ تقريبن بابت آگاهه ڪيو.