اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي تڪرارن جو شڪار علائقن ۾ ماڻهن جي ذهني صحت ۽ ڀلائي جي ??سئلي تي ضابطو آڻڻ جي ??اءِ مستقل قدمن، عالمي ڪردار ۽ تعاون تي زور ڏيندي چيو آهي ته ??ني?? ۾ جاري تڪرارن جي حل لاءِ ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي، ??ني?? ۾ امن کي فروغ ڏيڻ ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ ايندڙ نسلن جي ذهني صحت، تندرستي ۽ پرامن مستقبل جي ??اءِ ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن يوڪرين جي شهر ڪيف ۾ فرسٽ ليڊيز اينڊ جينٽلمين جي ??ئين سربراهي اجلاس جي ??اءِ پنهنجي ??ڊيو پيغام ۾ ڪيو. هن سال جي سمٽ جي شروعات يوڪرين جي خاتون اول اولينا زيلنسڪا ڪئي جنهن جو عنوان ”ذهني صحت: مستقبل جي ??زاڪت ۽ لچڪ“ هو. سربراهي اجلاس ۾ صدر ولاديمير زيلينسڪي پڻ خطاب ڪيو. ان سمٽ ۾ جاپان، ترڪيه، البانيه، جرمني، آرمينيا، مقدونيا، پولينڊ، اسپين ۽ سوئيڊن جي ??رسٽ ليڊيز اينڊ جينٽلمين جا پيغام ۾ پڻ شامل هئا. سمٽ جي ??اءِ پنهنجي ??يغام ۾ بيگم ثمينه علوي تڪرارن وارن علائقن ۾ ماڻهن جي ذهني صحت ۽ ڀلائي بابت ڳڻتي جو اظهار ڪرڻ کانسواءِ يوڪرين ۾ انهن خاندانن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو جن کي جنگ جي ڪري جسماني، جذباتي ۽ ذهني دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پيو. هن چيو ته اسان پاڪستان ۾ انهن جي درد کي محسوس ڪري سگهون ٿا ۽ يوڪرين جي ??اڻهن سان همدرديءَ جو اظهار ڪري سگهون ٿا، اسان محسوس ڪريون ٿا ته اها انسانيت ئي آهي جيڪا بحرانن ۽ تڪرارن ۾ مبتلا آهي. بيگم ثمينه علوي ان ڳالهه تي روشني وڌي ته چار ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تائين لکين افغان پناهگيرن جي ??يزباني جي ??اڪستان جي ??نهنجي تجربي ۽ دهشتگردي جي خلاف ان جي ڊگهي جنگ پاڪستان کي سيکاريو ته تڪرار ۽ جنگ ماڻهن جي ذهني صحت کي بري طرح متاثر ڪن ٿا. هن چيو ته 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ڀارت پاران غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ??سلمانن جي خلاف ظلم ڪشميرين جي ذهني صحت کي بري طرح متاثر ڪيو آهي. هن ڊاڪٽرز ود آئوٽ بارڊرز ۽ ڪشمير يونيورسٽي جي ??ڪ تحقيق جو حوالو ڏنو جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته اٽڪل 1.8 ملين ڪشميري بالغ ماڻهو، جيڪي خطي جي بالغ آبادي جو اٽڪل 45 سيڪڙو آهن، انهن پاڻ کي مختلف ??سم جي ذهني پريشانين ۾ مبتلا ڏٺو، جن ۾ بي چيني، ڊپريشن ۽ ٻيا شامل آهن. اهي پريشان ڪندڙ انگ اکر مسلسل فوجي ڪاررواين، هٿياربند تڪرارن، اقتصادي بندشن ۽ ڀارتي حڪومت پاران ڪرفيو لاڳو ڪرڻ جي گهري اثرن جي ??شاندهي ڪن ٿا. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته دماغي صحت کي اڪثر نظرانداز ڪيو وڃي ٿو ۽ خاص طور تي تڪرارن وارن علائقن ۾ ماڻهن تي ان جي ??نفي اثرن جي حوالي سان غلط فهمي ڏٺي وڃي ٿي. هن ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي ??تيجن جو حوالو پڻ ڏنو ته انساني بحران ۾ ذهني صحت جي ??سئلن جو ڦهلاءُ ٻيڻي کان به وڌي وڃي ٿو. هن چيو ته ڪنهن به تڪرار واري علائقي ۾ جنگ جو ڊگهو عرصو ذهني صحت جي ??عياري سهولتن ۽ مشاورت جي ضرورت کي وڌائي ڇڏي ??و. ??اتون اول ان ڳالهه تي زور ڏنو ته تڪرارن وارن علائقن ۾ ماڻهن کي معمول جي زندگي ۾ واپس آڻڻ ممڪن آهي جڏهن ته ان جي ??اءِ ??ني?? ۾ مسلسل ڪوششن ۽ تڪرارن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان سڄي ??ني?? جي تڪرارن جو پرامن حل چاهي ٿو.