نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ ڪيوبا جي هم منصب برونوروڊ ريگوز پاريلا سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ڌرين ملاقات دو??ان ٻطرفي، گهڻ رخي ۽ علائقائي معاملن جي وسيع موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ڪيوبا جي وچ ۾ مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي گڏيل خيال رکندڙ ??هترين لاڳاپا آهن. هن گهڻ رخي فورمن خاص طور تي گڏيل قومن، غيروابسته ملڪن جي تحريڪ ۽ جي 77 ۽ چين جي وچ ۾ ويجهي تعاون کي ساراهيو. نگران پرڏيهي وزير 2005ع ۾ پاڪست??ن ۾ ايندڙ ??باهي آڻيندڙ ??لزلي کانپوءِ ڪيوبا پاران ڏني ويندڙ ??بي امداد تي پاڪستاني عوام جا دل سان ٿورا مڃيا. نگران پرڏيهي وزير جيلاني 2023ع ۾ جي 77 ۽ چين جي سربراهي دو??ان ڪيوبا جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو اظهار ڪيو ۽ ڪيوبا جي نگران پرڏيهي وزير کي 15 ۽ 16 سيپٽمبر تي هوانا ۾ م??عق?? جي 77 ۽ چين جي سربراهي اجلاس جي ڪامياب ا??عق??د تي مبارڪباد ڏني. ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل دلچسپي جي شعبن خاص طور تي واپار، بائيو ٽيڪنالاجي، صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو.