اسلام آباد-20 سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران و??اق?? وزير مدد علي سنڌي ايف ڊي اي کي لکيل خط ۾ ايف ڊي اي تحت اسڪولن ۾ بي ضابطگين جو سخت نوٽيس ورتو آهي. و??اق?? وزير ايف ڊي اي کي ??ڪم ڏنو ته هو اسڪولن جي خراب حالت بابت وضاحت فراهم ڪري، هن ايف ڊي اي کي ??ڪم ڏنو هو ته ان مجموعي ناڪامي جي ذميواري طئي ڪري ته جيئن مستقبل ۾ اهڙي طرح جون حالتون پيدا نه ٿين. و??اق?? وزير اهو به ??ڪم ڏنو ته هاڻي انتظامي/تعليمي عهدن (بي ايس 19 ۽ ان کان مٿي) جي آفيسرن جون سموريون مقرريون/بدليون، سيڪريٽري M/o /FE&PT جي مشاورت سان ۽ و??اق?? وزير جي منظوري کانپوءِ ڪيون وينديون. نگران وزير مدد علي سنڌي ايف ڊي اي کي ??ڪم ڏنو ته هو اهڙي طرح جي سنگين خدشن کي ختم ڪرڻ لاءِ انتظامي، تعليمي ۽ مالياتي چئلينجن جي باري ۾ هڪ جامع بريفنگ ڏي. پهرين جي هڪ خط ۾ و??اق?? وزير ايف ڊي اي کي ??ڪم ڏنو هو ته هو ايف ڊي اي ڪيزيردست سمورين اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پيئڻ جي صاف ۽ ٿڌي پاڻي جي فراهمي سان گڏوگڏ سمورن اسڪولن جي ڪلاس رومز، باٿ رومز، راندين جي ميدانن ۽ اڱڻ جي مرمت ۽ سرسنڀال کي به يقيني بڻائي. و??اق?? وزير ايف ڊي اي کي استادن، چوڪيدارن ۽ مالهين سميت عملي جي کوٽ کي پورو ڪرڻ جو به ??ڪم ڏنو هو. و??اق?? وزير انتظامي عهدن تي مقرر استادن جو سنجيدگي سان نوٽيس ورتو. و??اق?? وزير چيو ته هي سندن بنيادي ڪم ناهي، استادن کي تعليم کي هٿي ڏيڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.