لنڊن – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي مان ۾ دارالامراءِ ۾ لارڊ ضمير چوڌري آجياڻي جو اهتمام ڪيو. آجياڻي ۾ بر??ان??ا جي مختلف پارٽين سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ ميمبرن جي وڏي انگ ۽ پاڪستاني برادري جي اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي نگران وزيراعظم شاندار استقبال تي ٿورا مڃيا ۽ گڏيل قدرن ۽ خواهشن تي ٻڌل پائيدار پاڪ بر??ان??ا لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو. هن ٻنهي ملڪن جي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪرڻ تي بر??ان??ا ۾ پاڪستاني برادري جي خدمتن کي ساراهيو. نگران وزيراعظم آجياڻي جي شرڪت ڪندڙن کي اقتصادي ۽ سياسي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور عزم جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل هڪ بهترين پليٽ فارم مهيا ڪري رهي آهي، ان مان فائدو کڻڻ گهرجي. نگران وزيراعظم جامع، آزاداڻي ۽ شفاف چونڊ عمل جي اهميت تي زور ڏيندي جمهوري نظرين جي لاءِ قو?? جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. آجياڻي واري تقريب گڏيل مفاد جي معام??ن تي تعميري مڪالمي جو بهترين موقعو فراهم ڪيو. آجياڻي جي پڄاڻي تي سوال ۽ جواب جو سيشن پڻ ٿيو جنهن ۾ نگران وزيراعظم بر??ان??ي پارليامينٽ جي ميمبرن جي سوالن جا تفصيلي جواب ڏنا.