اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي بابت نگران وفاقي وزير انيق احمد چيو ??هي ته اڄوڪي ڏينهن نبي ڪ??يم ﷺجي ولادت باسعادت جو ڏينهن آهي، اسان کي پنهنجون زندگيون نبي ڪ??يم ﷺجي سنت موجب گذارڻ گهرجن، نبي ڪ??يم ﷺجي صداقت ۽ امانت جون گواهيون به دشمنن به ڏنيون ۽ ڪفار مڪه پڻ ڏيندا هئا، هن پنهنجي ڪردار ۽ اخلاق سان دين جي سربلندي ڪئي. اهڙو اظهار هن رٿيل قومي سيرت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ??ه اسان جو وزيراعظم دين سان محبت رکي ٿو، هن چيو ??ه حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ فرمايو ??ه غربت انسان کي ڪفر تائين وٺي وڃي سگهي ٿي ۽ الله جي حڪم جي ڀڃڪڙي به ڪرائي ٿو جڏهن ته حڪمرانن جون ڪجهه ذميواريون آهن ته اهي ماڻهن کي اهڙو ماحول فراهم ڪن ته مفلسي انهن جي دروازي تائين نه پهچي، انهن جو چلهه ٻرندو رهي، انهن جا بجلي جا بل ادا ٿيندا رهن ۽ هو پنهنجي ٻارن جي پرورش ڪندا رهن، هي ويلفيئر اسٽيٽ جو تصور جيڪو اولهه ۾ ڏنو ويو ??هي اهو اسان جي دين جو به ڏنل آهي. هن چيو ??ه اخلاق جو درس قرآن ڪ??يم پڻ ڏي ٿو ان جو سڀ کان وڏو مثال فتح مڪه جو ڏينهن آهي، جڏهن نبي ڪ??يم ﷺمڪي کان هجرت فرمائي ۽ جڏهن فتح مڪه جي موقعي تي پاڻ سڳورن صلم فرمايو ??ه اڄ رحمت جو ڏينهن آهي. هن چيو ??ه اسان کي اهو سوچڻ گهرجي ته ان رحمت جو ڪو ڇنڊو اسان تائين پهتو آهي ڇا اسان ماڻهن کي معاف ڪرڻ سکيو ??هي؟ هن چيو ??ه هن ڪانفرنس جي حوالي سان مشاورت دوران سمورن عالمن سان ان شيءَ تي اتفاق ٿيو ??هي ته ڪانفرنس ۾ غربت ۽ بک جي خاتمي جي حوالي سان مڪالا پيش ڪيا وڃن ته جيئن ان جي روشني ۾ ڏسي سگهجي ته ڪهڙيون پاليسيون ٺاهڻ سان عوام کي زندگي جو بهتر معيار فراهم ڪري سگهجي ٿو، هن چيو ??ه قرآن پاڪ جي حڪمن موجب اسان کي پاڻ کي ڏسڻ جي ضرورت آهي ته ڇا اسان پنهنجون زندگيون قرآن جي حڪمن موجب گذاري رهيا آهيون؟ ان موقعي تي خطاب ڪندي گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير سرفراز بگٽي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ??ه مذهبي معاملن واري نگران وفاقي وزير انيق احمد ۽ سمورن شرڪت ڪندڙن جو ٿورو مڃان ٿو، سڀ کان پهرين رياست جو تصور نبي ڪ??يم ﷺجو ڏنل آهي ۽ ان جي سڀ کان بنيادي شيءَ ڪردار آهي ۽ ان کان اڳتي وڌي ان تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ??ه اڄ ڪانفرنس جو موضوع معيشت کي درپيش چئلينجز آهن ته ان سڀني ۾ اسان برابر جا شريڪ آهيون، هن چيو ??ه اسان وٽ سڀ کان بنيادي مسئلو ڪرپشن ۽ بدعنواني آهي، هن ملڪ سان جيڪو ظلم ڪيو ويو ??هي اهو هي آهي ته ان جي پاڙن کي کوکلو ڪيو ويو ??هي، هي ملڪ اسان جي نبي ڪ??يم ﷺجي امانت هئي ۽ اسان ان سان ڇا ڪيو ??هي؟ هن چيو ??ه جيڪا تعليم نبي ڪ??يم ﷺ اسان کي ڏني ڇا اسان ان تي عمل ڪيو ??هي؟ ڇا اسان واپار، هم آهنگي، اقليتن سان اهي سلوڪ ڪيا جيڪي نبي ڪ??يم ﷺٻڌايا؟ اسان جو دين ۽ ني ڪ??يم ﷺته محبت ۽ شفقت جو درس ڏنو پر اسان هن معاشري ۾ ڪٽرپڻي کي ان جي نالي سان هٿي ڏني، هن چيو ??ه جڏهن نبي ڪ??يم ﷺکي اقتدار مليو ??ه سڀ کان پهريون ڪم رحمت ۽ شفقت ڏيکاري پر اسان کي جيڪي اسان جي ٻنهي جهانن جي سردار نبي ڪ??يم ﷺجيڪا تعليم ڏني اسان بلڪل ان جي ابتڙ وڃي رهيا آهيون جنهن جي ڪري اسان مشڪلاتن جو شڪار آهيون، هي ملڪ، ملڪ خداداد آهي ۽ هي اسلام جو قلعو آهي. هن چيو ??ه ٻين ملڪن ۾ رهندڙ نبي ڪ??يم ﷺجي جون سموريون شيون ا??تيار ڪري ورتيون آهن ۽ اسان ان جي ڪردار کي، جيڪو اسان جي رت ۾ شامل آهي، ڇڏي ڏنو آهي جنهن سبب هن مشڪل حالتن ۾ گهيرجي ويا آهن.