اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قائداعظم يونيور??ٽي جي مختلف شعبن ۾ ٽاپ پوزيشن هولڊرز کي ميڊلز ۽ ڪامياب شاگردن کي ڊگريون ڏنيون، 10 هين ڪانووڪيشن 2023ع جو انعقاد ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ ٿيو، يونيور??ٽي جي ڪل 7738 شاگردن ۾ ڊگريون ورهايون ويون. 36 شاگردن کي چانسلر ميڊلز جڏهن ته 232 شاگردن کي وائيس چانسلر ميڊلز ڏنا ويا. قائداعظم يونيور??ٽي جي فيڪلٽي آف سوشل سائنسز 2345، فيڪلٽي آف بائيولاجيڪل سائنسز 2218 ۽ فيڪلٽي آف سوشل سائنسز 3175 شاگردن کي بي ايس، ايم ايس سي، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون ڏنيون ويون. ان موقعي تي تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان حڪومت جي پاليسي آهي ته تعليم کي هر سطح تي فروغ ڏنو وڃي ۽ آئون تحقيق ۽ تعليم جي وسيلن جي لاءِ حڪومتي حمايت جو يقين ڏياريان ٿو. هن تعليمي ادارن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ جو ذڪر ڪندي چيو ته تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ بنيادي سهولتن جي فراهمي انتهائي ضروري آهي. ان موقعي تي هن ٽيڪنيڪل تعليم جي اهميت تي پڻ روشني وڌي. تقريب کي خطاب ڪندي قائداعظم يونيور??ٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر نياز احمد اختر چيو ته يونيور??ٽي جي عالمي درجابندي کي بهتر بڻائڻ، پنهنجي وسيلن ۽ صلاحيتن کي پوري طرح سان استعمال ۾ آڻيندي دنيا جي ٽاپ 200 يونيورسٽين ۾ پوزيشن حاصل ڪرڻ اسان جي هدفن مان هڪ آهي. ان کانسوا??ِ اسان جو مقصد ڪئمپس سروسز ۽ انتظامي عمل ۾ ڊيجيٽل سسٽم کي لاڳو ڪرڻ آهي. سندس چوڻ هو ته يونيور??ٽي پنهنجي تعليمي پروگرامن جو نئين سر جائز?? وٺي رهي آهي ته جيئن موثر شعبن جي نشاندهي ڪندي انهن کي نوڪرين جي گهرج سان هم آهنگ ڪر?? سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجي سڃاڻپ کي علمي معيشت جي يونيور??ٽي ۾ تبديل ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. وائيس چانسلر يونيور??ٽي جي 10 هين ڪانووڪيشن جي ڪامياب انعقاد تي استادن ۽ عملي سميت ڊگريون حاصل ڪندڙ سمورن معزز شاگردن کي دلي مبارڪباد ڏني.