اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) ??گر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان بين المذاهب هم آهنگي ۽ وچ او??ر ۽ اسلامي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين جي معاملن واري خصوصي نمائندي مولانا طاهر اشرفي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وچ او??ر جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ غزه ۾ غاصب صيهوني فوج پاران معصوم فلسطينين تي جاري نسل ڪشي ۽ ظلمن جي ڀرپور لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ??يو ته عالمي قوتن کي فلسطينين تي جاري ظلم کي روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ملاقات ۾ ??گر??ن وزيراعظم ۽ مولانا طاهر اشرفي فلسطينين خاص طو?? تي غزه جي صورتحال جي حوالي سان تمام جلد ٿيندڙ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي اجلاس جي آجيان ڪئي. مولانا طاهر اشرفي ملڪ ۾ بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ لاءِ حڪومتي قدمن تي ??گر??ن وزيراعظم خراج تحسين پيش ڪيو. ??گر??ن وزيراعظم مولانا طاهر اشرفي جي بين المذاهب هم آهنگي ۽ وچ او??ر ۽ اسلامي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو.