اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ملڪ ۾ سياسي ماحول کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ سمورين سياسي پ??رٽ??ن جي وچ ۾ اتفاق راءِ جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سمورين سياسي پ??رٽ??ن کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن، ڪنهن سان ??و امتياز نه ٿيندو، رياستي ميڊ??ا تي سمورين سياسي پ??رٽ??ن کي هڪ جهڙي ڪوريج ڏني پئي وڃي، ميڊيا کي چونڊن دوران سازگار ماحول فراهم ڪيو ويندو، مس انفارميشن، ڊس انفارميشن ۽ جعلي خبرون پوري دنيا جو مسئلو آهي، سوشل ميڊ??ا تي سڀ کان وڏو چئلينج جعلي خبرون آهن. اها ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل اسلام آباد پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي صدر ميجر جنرل (ر) رضا محمد جي قيادت ۾ وفد سان ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال، جعلي خبرن ۽ ڊس انفارميشن جي خاتمي، ايندڙ عام چونڊن، سوشل ميڊيا جي مسئلن، ڏکڻ ايشيا جي ٻين ملڪن ۾ چونڊن سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئ??. و??د اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير کي ملڪ جي سياسي منظرنامي تي ادارن جي تازه ترين تحقيق کان آگاهه ڪيو ۽ نگران حڪومت جي آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊن کي يقيني بڻائڻ جي عزم کي ساراهيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، چونڊون منعقد ڪرائڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪنداسين. هن چيو ته سمورين سياسي پ??رٽ??ن کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن، ڪنهن سان ??و امتياز نه ٿيندو. هن چيو ته ملڪ ۾ سياسي ماحول کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ سمورين سياسي پ??رٽ??ن جي وچ ۾ اتفاق راءِ جو فروغ لازمي آهي. مس انفارميشن ۽ جعلي خبرن جي حوالي سان ڳالهائيندي مرتضيٰ سولنگي چيو ته مس انفارميشن، ڊس انفارميشن ۽ فيڪ نيوز پوري دنيا جو مسئلو آهي، سوشل ميڊ??ا تي سڀ کان وڏو چئيلنج جعلي خبرون آهن جن جي خاتمي ۾ سمورين ڌرين کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ملاقات ۾ ايندڙ عام چونڊن ۾ ميڊيا جي ڪردار تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ميڊيا کي چونڊن دوران سازگار ماحول فراهم ڪيو ويندو، رياستي ميڊ??ا تي سمورين سياسي پ??رٽ??ن کي هڪ جهڙي ڪوريج ڏني پئي وڃ??. و??د پاڪستان ۾ اتفاق راءِ کي فروغ ڏيڻ جي ڪوششن ۾ حڪومت سان گڏجي ڪم جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وفد جي ٻين ميمبرن ۾ اسلام آباد پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ جو ڊائريڪٽر (ايڊووڪيسي اينڊ ڪميونيڪشن) صديق همايون، حشام، جويريه، انسٽيٽيوٽ جو ڊائريڪٽر خرم عباس ۽ انسٽيٽيوٽ آف پاليسي اسٽڊيز مان نوفل شامل هئا.