جده- 06 نومبر (اي پي پي) اسل??مي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) اسرائيلي وزير اميچائي الياهو طرفان غزه جي پتي تي ايٽمي بم ڪرائڻ جي ڌمڪي کي انتهاپسندي، نفرت انگيزي، تشدد ۽ منظم دهشتگردي تي اڪسائڻ جي متراف قرار ڏنو آهي. اسل??مي سهڪار تنظيم طرفان جده مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته فلسطيني عوام خلاف روزانو جي بنياد تي اسرائيلي نسل ڪشي عالمي قانون، معاهدن ۽ قرا??دا??ن جي خلاف ورزي آهي. بيان ۾ اسرائيل جي نسل پرستاڻي بيانن جي مذمت ڪندي چيو ويو ته او آءِ سي ان بيان کي دهشتگرد نسل پرستاڻي نظريي جي توسيع جي طور تي ڏسي ٿو. بيان ?? عالمي برادري سان فلسطيني عوام جي خلاف اسرائيلي جارحيت، روزانو قتل عام ۽ نسل ڪشي جي مذمت ڪرڻ ۽ روڪڻ لاءِ موثر ق??م کڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو.