اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني م??املن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ?? اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد جي هدايت تي روڊ حادثي ۾ فوت ٿيندڙ پي ٽي وي ڪوئيٽا سينٽر جي چيف ڪئميره مين احمد خان سولنگي ?? ڪئميره مين ظفر علي جي پونئيرن جي لاءِ مالي امداد جي منظوري ڏني وئي. جاري پڌرائي موجب پي ٽي وي جي م??نيجنگ ڊائريڪٽر سيد مبشر توقير شاهه چيف ڪئميره مين احمد خان سولنگي جي پونئيرن جي لاءِ 24 لک رپيا ۽ ڪئميره مين ظفر علي جي پونئيرن جي لاءِ 15 لک رپين جي م??لي گرانٽ جي منظوري ڏني. پي ٽي وي جي م??نيجنگ ڊائريڪٽر سيد مبشر توقير شاهه ان موقعي تي چيو ته پي ٽي وي پنهنج?? ملازمن جي ڀلائي کي سدائين ترجيح ڏني آهي. هن چيو ته فوت ٿيندڙ ٻئ?? ملازم ڪئميره ذريعي پاڪستان جي م??تلف علائقن جي ڪوريج قوم آڏو اسڪرين تي آندي، انهن جي اداري لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته پي ٽي وي ۽ ان جا ملازم پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. پي ٽي وي جي ايم ڊي سيد مبشر توقير شاهه احمد خان سولنگي ?? ظفر علي جي اداري جي لاءِ شاندار خدمتن تي کين خراج عقيدت پيش ڪيو. واضح رهي ته پي ٽي وي ڪوئيٽا سينٽر جو چيف ڪئميره مين احمد خان سولنگي ?? ڪئميره مين ظفر عل?? گذريل ڏينهن ڊيوٽي دوران ڪراچي سوراب روڊ تي ڪار ۽ ويگن جي وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويا هئا.